پاڪستان اولمپڪ ايسوسي ايشن پاران اڄ نئون ديرو ۾ اولمپڪس ڊي ملهايو پيو وڃي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اڄ سڄي دنيا ۾ اولمپڪس جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ لاهور ۾ پاڪستان اولمپڪ ايسوسي ايشن پاران هڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي.

هر سال 23 جون تي هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد جديد اولمپڪس جي شروعات سان راندين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن ڏينهن تي اولمپڪ واڪ سميت مختلف راندين جا مقابلا منعقد ڪيا ويندا آهن.

پاڪستان ۾ اولمپڪ ڊي جي تقريب ۾ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم، اولمپئن فائقا رياض، جيڪي قومي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪا آهن، سميت وڏي انگ ۾ رانديگرن، شاگردن ۽ فيڊريشنز جي نمائندن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي رانديگرن اولمپڪ موومينٽ جي اهميت تي ڪوئز مقابلن ۾ وڏي دلچسپي جو اظهار ڪيو. پي او اي جي صدر عارف سعيد صحتمند طرز زندگي، تعليم، شموليت ۽ اولمپڪ موومينٽ جي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۾ راندين جي اهميت کي اجاگر ڪيو.

هن نوجوانن ۾ مثبت سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ ۾ اولمپڪ ويلز ايجوڪيشن جي ڪردار تي زور ڏنو.

هن وڌيڪ چيو ته رانديون صرف کٽڻ ۽ هارائڻ جون نه آهن، اهي دوستي، ڀائيچاري، هڪ ٻئي جي عزت ۽ ڀرپور زندگي گذارڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو پيغام به ڏين ٿيون.

ان موقعي تي گولڊ ميڊلسٽ ارشد ميمڻ چيو ته هو اولمپڪ ڊي جي تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي، پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن اختيارين جي مسلسل سهڪار تي شڪر گذار آهيان، مستقبل ۾ ڪمن ويلٿ گيمز، ايشين گيمز ۽ ورلڊ چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ جو مقصد آهي. ارشد نديم تقريب ۾ موجود نوجوانن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ جي هدايت ڪئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment