فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني صدر مسعود المخرجيان سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ ڊفينس فورسز جي سربراهه ايران جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ علائقائي صورتحال، خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ ايس پي آر موجب ايراني صدر خطي ۾ ڳالهين، ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي تعميري ۽ ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات ۾ هن علائقائي تڪرارن جي پرامن حل ۽ مختلف ڌرين وچ ۾ مفاهمت جي فروغ لاءِ پاڪستان جي مسلسل سفارتي ڪوششن کي به خراج تحسين پيش ڪيو.
ملاقات دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي غير متزلزل عزم کي ورجايو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ويجهن مشاورت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب ان موقعي تي خطي ۾ امن، خوشحالي ۽ استحڪام جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.


