جهنگلي جانورن جي علاج ۽ بچاءَ لاءِ پاڪستان جي پهرين موبائل وائلڊ لائف ڪلينڪ

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


لاهور:

پنجاب حڪومت جهنگلي جانورن جي علاج ۽ بچاءَ لاءِ پاڪستان جي پهرين موبائل وائلڊ لائف ڪلينڪ ٺاهي آهي، جنهن جو مقصد زخمي ۽ بيمار جهنگلي جانورن کي سندن موجوده هنڌ تي طبي امداد فراهم ڪرڻ آهي.

لاهور سفاري زو ۾ هي جديد موبائل ڪلينڪ پورٽبل ايڪسري، ڊاپلر الٽراسائونڊ، اي سي جي، وائيٽل مانيٽر، آڪسيجن ڪنسنٽريٽر، ليبارٽري جون سهولتون ۽ ننڍي سرجري لاءِ گهربل جديد سامان سان ليس آهي.

جانورن جي رت جا ابتدائي ٽيسٽ ۽ ٻيا نمونا پڻ ڪلينڪ ۾ جاءِ تي وٺي سگهجن ٿا.

ڊائريڪٽر ويٽرنري سروسز ڊاڪٽر رضوان خان ايڪسپريس نيوز کي ٻڌايو ته جهنگلي جانورن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪرڻ هميشه ممڪن نه هوندو آهي ڇاڪاڻ ته منتقلي دوران کين سخت ذهني دٻاءُ جو سامنا هوندو آهي.

ان ضرورت کي نظر ۾ رکندي هي موبائيل ڪلينڪ تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن جانورن جو معائنو، تشخيص ۽ ابتدائي علاج موقعي تي ئي ڪري سگهجي.

هن چيو ته ڪلينڪ ۾ موجود اڪثر طبي سامان پورٽيبل ۽ ريچارج ايبل هوندو آهي، جيڪو ڏورانهن علائقن، ريگستانن ۽ جبل وارن علائقن ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

بجلي جي فراهمي لاءِ گاڏي ۾ سولر سسٽم ۽ جنريٽر پڻ لڳايو ويو آهي.

ڊاڪٽر رضوان خان موجب موبائيل ڪلينڪ ۾ جديد ڊارٽ گن پڻ موجود آهي، جنهن ذريعي ضرورت جي صورت ۾ جهنگلي جانورن کي محفوظ مفاصلي تان دوائي يا بي هوش ڪري سگهجي ٿو.

ان کان علاوه پورٽيبل ايڪسري ۽ الٽراسائونڊ مشينن جي مدد سان جانورن جي تڪڙي تشخيص ممڪن ٿيندي.

هن چيو ته هي پاڪستان ۾ پنهنجي قسم جو پهريون موبائل وائلڊ لائيف ڪلينڪ آهي جيڪو سڄي پنجاب ۾ زوز، سفاري پارڪ، وائلڊ لائيف سينٽرز ۽ ريسڪيو آپريشنز ۾ استعمال ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته موبائيل ڪلينڪ سان گڏ هڪ جديد وائلڊ لائيف ريسڪيو سينٽر ۽ هڪ جديد وائلڊ لائيف اسپتال پڻ قائم ڪئي وئي آهي، جتي زخمي يا بيمار جانورن کي منتقل ڪيو ويندو آهي ۽ کين جديد طبي سهولتون ۽ جراحي جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن.

اسپتال ۾ ڪيترن ئي جانورن جو ڪاميابي سان علاج ۽ آپريشن ڪيو ويو آهي.

وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ان منصوبي سان زخمي، بيمار ۽ بچاءُ ڪيل جانورن جي بروقت تشخيص ۽ علاج ۾ خاصي بهتري ايندي جڏهن ته جانورن جي موت کي به گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment