ايبٽ آباد جي وومين اينڊ چلڊرن اسپتال مان اغوا ٿيل نينگري کي پوليس 24 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرايو.
ڊي پي او ايبٽ آباد هارون الرشيد ٻڌايو ته 23 جون تي وومين اينڊ چلڊرن اسپتال ايبٽ آباد جي نرسري مان نينگري جي اغوا جو واقعو پيش آيو، جنهن تي وارثن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو.
جنهن بعد پوليس فوري ڪارروائي ڪندي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
هن چيو ته واقعي وقت وارڊ ۾ ڪو به ماڻهو ڊيوٽي تي نه هو. اها اسپتال جي عملي جي بدترين لاپرواهي آهي. جنهن عورت اسپتال مان ٻارڙي کي اغوا ڪيو ان کي ڪو به اولاد نه هو.
پوليس موجب واقعي ۾ ملوث جوابدار ۽ سندس مڙس کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻارڙي کي کڻي ويندڙ گاڏي به قبضي ۾ ورتي وئي آهي.
ڊي پي او ايبٽ آباد جو چوڻ هو ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ياد رهي ته اسپتال مان نينگري جي اغوا جو اهو واقعو 23 جون تي پيش آيو هو، جنهن کانپوءِ علائقي ۾ سخت پريشانيءَ جي لهر پکڙجي وئي هئي ۽ وارثن اسپتال ٻاهران احتجاج پڻ ڪيو هو.


