ڪراچي:
ماڙيپور روڊ تي تيز رفتار گاڏي جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڇوڪري علاج دوران فوت ٿي وئي.
اربع ۽ خميس جي وچ ۾ ڪلري ٿاڻي جي حد ماڙي پور روڊ تي دعا هوٽل ڀرسان اڻڄاتل گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿيل هڪ رهواسي ڇوڪري خميس جي صبح سول اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي وئي.
فوتي نينگري جي سڃاڻپ 12 ورهين جي سامعہ دختر ڪمال حسين طور ٿي آهي. مقتول مچھر ڪالوني جو رهواسي هو. پوليس قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.


