فنانس بل 2026-27؛ صدر پارليامينٽ جي منظوري کانپوءِ دستخط ڪري ڇڏيا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پارليامينٽ مان منظوري کانپوءِ صدر آصف علي زرداري فنانس بل 27-2026 تي صحيح ڪري ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ ان کي نوٽيفڪيشن لاءِ پرنٽنگ ڪارپوريشن ڏانهن موڪليو ويندو. ناڻي واري وفاقي وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري جي دستخط کانپوءِ فنانس بل 2026-27 گزٽ نوٽيفڪيشن لاءِ پرنٽنگ ڪارپوريشن کي موڪليو ويندو ۽ گزيٽ نوٽيفڪيشن سان مالي سال 2026-27 جي بجيٽ پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندي، ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مالي سال 27-2026 جي بجيٽ تقريبن 7 ارب 71 هزار 800 رپيا هوندي. باضابطه طور تي 1 جولاء 2026 کان لاڳو ڪيو ويو ۽ بجيٽ ۾ شامل مختلف مالي قدم پڻ ساڳئي تاريخ کان لاڳو ڪيا ويندا. فنانس بل تحت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 7 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، ٽيڪس ۽ ڊيوٽي ۾ تبديليون به پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿينديون، ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ گذريل ڏينهن فنانس بل منظوري لاءِ ايوان صدر ڏانهن موڪليو هو ۽ هاڻ صدر آصف زرداري فنانس بل جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فنانس ايڪٽ 27-2026ع تي عملدرآمد کانپوءِ وفاقي حڪومت نئين مالي سال جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بجيٽ ۾ شامل ترقياتي ۽ مالياتي منصوبن تي عمل شروع ڪندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment