ڀارت پاران افغان سرزمين جو پاڪستان خلاف استعمال هاڻي ڪا ڳجهي حقيقت ناهي رهي.
افغانستان ۾ فتنا الخوارج ۽ فتنا الهند جي حمايت جي عالمي سطح تي بار بار تصديق ٿي چڪي آهي. ڀارت جي ڪرنل (رٽائرڊ) راجيش پوار به اعتراف ڪيو آهي ته ڀارت پاڪستان خلاف افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي مدد ڪري رهيو آهي.
ڀارتي فوج جي رٽائرڊ ڪرنل راجيش پاور موجب فتنا الهند ۽ فتنا الخوارج کي پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ افغان سرزمين، ڀارتي مالي مدد ۽ اسرائيلي انٽيليجنس جي مدد حاصل آهي.
افغانستان لاءِ برطانيا جي خاص نمائندي رچرڊ لنڊسي افغان ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته فتنا الخوارج (ٽي ٽي پي) پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهي آهي. افغانستان ۾ دهشتگردن کي هٿيار ۽ مالي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي.


