ڪراچي:
بي آر ٽي ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار ضمير عباسي کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن اختيارين حوالي ڪيو ويو.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدارن کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پهرين جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جوابدار جي بيان کي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي يا نه، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته جوابدار جي بيان کي في الحال رڪارڊ جو حصو ناهي بڻايو ويو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جاچ لاءِ وڌيڪ ڪهڙا قدم کنيا ويا ۽ جسماني رمانڊ ڇو گهرايو ويو. جاچ آفيسر موقف اختيار ڪيو ته محرم جي موڪلن سبب گهربل تفصيل حاصل نه ٿي سگهيا آهن.
ٻڌڻي دوران جوابدار ضمير عباسي عدالت کي ٻڌايو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته سندس خاندان جا بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻيا تفصيل ڇو طلب ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته سندس موبائل فون ۽ ٻيو سامان به جاچ اختيارين وٽ آهي.
جوابدار اها دعويٰ به ڪئي ته ان منصوبي جو صلاحڪار هڪ وفاقي وزير جي ويجهو آهي. ضمير عباسي چيو ته ڇا مان ڪيش کڻي ڀڄي ويو آهيان؟ هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن جاچ مڪمل نه ٿي ته ڇا کيس مسلسل حراست ۾ رکيو ويندو؟
جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته لاڳاپيل ڪانٽريڪٽرن سان ٻيهر معاهدا ڪيا ويا ۽ سمورا شرط اڳ وانگر ئي آهن. ان موقعي تي عدالت جوابدار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا مٿس ڪنهن قسم جو جسماني تشدد ڪيو ويو، جنهن تي ضمير عباسي جواب ڏنو ته هو اهڙو ڪو به الزام نه پيو لڳائي.
ٻڌڻي جي آخر ۾ عدالت ضمني چالان کي رڪارڊ جو حصو بڻائيندي ضمير عباسي کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن جي حوالي ڪري ڇڏيو. عدالت جوابدارن کي پهرين جولاءِ تي ٻيهر پيش ڪرڻ ۽ جاچ آفيسر کان پيش رفت رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي.


