ڪراچي ۾ 3 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري واقعي تي مشهور پاڪستاني ريپر طلحه انجم سخت ردعمل جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي جي ميئر تي الزام هنيو آهي.
طلحه انجم سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ميئر ڪراچي ۽ سنڌ جي وڏي وزير تي سخت تنقيد ڪئي. هن لکيو ته سنڌ حڪومت نه رڳو منهنجي شهر کي برباد ڪري ڇڏيو آهي پر اسان جي شهر جي ٻارن کي تحفظ ڏيڻ ۾ به ناڪام وئي آهي.
هن لکيو ته ميئر ڪراچي، وزير اعليٰ سنڌ جاڳيو، ڇا هاڻي ان واقعي تي ڳالهائيندا ته لنڊن ۾ به زيادتي جا ڪيس آهن.
طلحه انجم خطاب ڪندي لکيو ته ڪراچي جا ميئر ۽ وڏو وزير ٺٺوليون ڪرڻ بدران پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏين.

ياد رهي ته هي پهريون ڀيرو ناهي ته طلحه انجم شهر جي حالتن تي آواز اٿاريو آهي. ان کان اڳ هوءَ لنڊن ۽ ڪراچي جي ڏوهن جي مقابلي تي ميئر ڪراچي تي حملو ڪري چڪي هئي.


