ڪوئيٽا:
بلوچستان جي ضلعي بارخان ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهري خوف ۾ رهجي ويا.
زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ان جي گهرائي 19 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز بارخان کان 58 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ هو. بارخان کان علاوه ڪوهلو، رخني ۽ موسيٰ خيل ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
پي ڊي ايم اي موجب زلزلي سبب موسيٰ خيل ضلعي جي علائقي گنگري ۾ هڪ هوٽل جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مزدور زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پي ڊي ايم اي گنگري جي اترين علائقي ۾ فضل نالي شهري جو گهر پڻ زلزلي سبب ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
هوڏانهن انتظاميه ۽ امدادي ٽيمون متاثر علائقن ۾ پهچي ويون آهن جڏهن ته زخمين کي ضروري طبي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. پي ڊي ايم اي موجب لاڳاپيل ضلعن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو سروي ڪري نقصان جو اندازو لڳائين، متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون تيز ڪري ۽ وڌيڪ نقصان جو اندازو لڳايو وڃي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن بلوچستان جي ضلعي سبي ۾ 4.2 جي شدت سان زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنهن جي گهرائي 42 ڪلوميٽر هئي، پر ان زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.


