فيفا ورلڊ ڪپ: سينيگال عراق کي 5-0 تان شڪست ڏئي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ سينيگال شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي عراق کي 5-0 تان شڪست ڏئي نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو. ٽورنٽو ۾ کيڏيل گروپ آءِ جي ميچ ۾ سينيگال شروع کان ئي غالب رهيو. حبيب ديرا چوٿين منٽ ۾ پهريون گول ڪري ٽيم کي برتري ڏياري، جڏهن ته پاپ گيري ٻه گول ڪيا. ان کان علاوه اسماعيل سار ۽ ايلمان ناديا هڪ هڪ گول ڪري ڪاميابي کي يادگار بڻائي ڇڏيو. فتح سان سينيگال فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهرين آفريڪي ٽيم بڻجي وئي جنهن هڪ ئي ميچ ۾ پنج گول ڪيا. عراق خلاف هن عظيم ڪاميابي کانپوءِ سينيگال جي ناڪ آئوٽ اسٽيج تائين پهچڻ جون اميدون به برقرار آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment