ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ يونيورسٽي روڊ مسمات چورنگي ڀرسان زوردار فائرنگ ۽ ڌماڪي جي اطلاع تي ريسڪيو ۽ پوليس پهچي وئي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. پوليس جو چوڻ آهي ته گلستان جوهر ۾ فائرنگ جي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به موقعي تي پهچي ويا. ريسڪيو 1122 سنڌ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گلستان جوهر بلاڪ 5 ويجهو ڌماڪي جو اطلاع مليو، اطلاع ملندي ئي سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول ريسڪيو 1122 جي ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ٽيم واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي. ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر به اضافي اهلڪارن سان گلستان جوهر پهچي ويو، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ به اهلڪارن سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي ويا. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه مسمات چورنگي ڀرسان ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي سان رابطو ڪري واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ترجمان چيو ته وڏي وزير هدايت ڪئي ته پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ضروري قدم کنيا وڃن.
Source link

ڪراچي؛ گلستان جوهر ۾ زوردار فائرنگ، ڌماڪو
Leave a Comment Leave a Comment

