ڏکڻ ڪوريا جي هاڪي ٽيم 27 جولاءِ تي پاڪستان جو دورو ڪندي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين واني جي ڪوششن سان ڏکڻ ڪوريا جي مردن جي قومي هاڪي ٽيم 27 جولاءِ کان 9 آگسٽ 2026 تائين پاڪستان جو دورو ڪندي، ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ پاڪستان جي قومي هاڪي ٽيم خلاف اسپيشل ٽريننگ ڪيمپ ۽ پريڪٽس ميچن جو انعقاد ڪيو ويندو. ڏکڻ ڪوريا جو 25 رڪني وفد پاڪستان پهچندو، جنهن ۾ 20 رانديگر ۽ 5 آفيسر شامل آهن. دوري دوران ڪوريا جي ٽيم پاڪستان جي جديد هاڪي انفراسٽرڪچر کي استعمال ڪندي باقاعده تربيتي سيشن منعقد ڪندي ۽ قومي ٽيم سان گڏ ڪيترن ئي پريڪٽس ميچن ۾ شرڪت ڪندي. پي ايڇ ايف جي صدر محي الدين احمد واني دوري جي آجيان ڪندي چيو ته ايشيا کان مضبوط ٽيم جي پاڪستان آمد اسان جي رانديگرن لاءِ مثبت ۽ حوصلا افزائي جو موقعو آهي. سندس چوڻ هو ته هي دورو عالمي سطح تي پاڪستان جي راندين جي سهولتن، بهترين ماحول ۽ سيڪيورٽي انتظامن تي اعتماد جو اظهار پڻ آهي. پاڪستان هاڪي فيڊريشن ان دوري کي ملڪ ۾ عالمي هاڪي جي بحالي ۽ مقامي رانديگرن کي عالمي سطح جو تجربو فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي. ٽريننگ ڪيمپ ۽ پريڪٽس ميچن جو تفصيلي شيڊول ايندڙ ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment