ڪراچي کان پڪنڪ لاءِ ويندڙ ٻه نوجوان درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. ايڌي اختيارين موجب حب نديءَ ۾ وهنجڻ دوران فوت ٿيل نوجوانن جا لاش ايڌي رضاڪارن پاران شروعاتي طور حب سول اسپتال پهچايو ويو. هن ٻڌايو ته فوت ٿيل نوجوانن جي سڃاڻپ 21 ورهين جي احسن ۽ 25 ورهين جي شميم طور ٿي آهي، جيڪي نيو ڪالوني ۽ ڀيم پوره جا رهواسي هئا ۽ حب نديءَ تي پڪنڪ منائڻ آيا هئا، جتي وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويا. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايڌي جي رضاڪارن ٻن نوجوانن جا لاش قانوني ڪارروائي کانپوءِ حب سول کان ڪراچي منتقل ڪيا، جتي فوتين جا وارث کين پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
Source link

ڪراچي جا ٻه نوجوان حب ندي ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

