پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو اثر گهٽائڻ لاءِ اهم قدم کڻندي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ خاص فنڊ قائم ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت پيٽروليم پرائس اسٽيبلائيزيشن فنڊ قائم ڪري ڇڏيو، وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ پيٽروليم پرائس اسٽيبلائيزيشن فنڊ قائم ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت فنڊ جي قيام جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، فنڊ جا سمورا وسيلا وفاق جي پبلڪ اڪائونٽس ۾ جمع ڪرايا ويندا.
پيٽروليم پرائس اسٽيبلائيزيشن فنڊ لاءِ الڳ اڪائونٽنگ هيڊ رکيو ويو آهي، ناڻي واري وزارت، پيٽروليم ڊويزن ۽ اوگرا فنڊ جي آپريٽنگ طريقيڪار کي ترتيب ڏيندو.
نوٽيفڪيشن موجب فنڊ جا انتظامي ۽ مالي ضابطا الڳ الڳ اختيار ڪيا ويندا، حڪومت ايندھن جي قيمتن جي استحڪام لاءِ نئون مالياتي ميڪنزم متعارف ڪرايو، اوگرا ۽ ناڻي واري وزارت فنڊ جو گورننس ۽ آپريشنل فريم ورڪ ٺاهيندي.
اسٽيٽ بئنڪ، صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل ادارن کي فنڊ جي قيام بابت آگاهه ڪيو ويو.


