سحر هاشمي کي پاڪستاني عمران هاشمي ڇو چيو پيو وڃي؟

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا سحر هاشمي اڄڪلهه ڊرامي انڊسٽري ۾ تيزي سان پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي رهي آهي.

ڊرامي ”ظلم“ سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ سحر هاشمي ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. اڄڪلهه هوءَ مختلف ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري ڪري ڌيان ڇڪائي رهي آهي.

گذريل ڏينهن سحر هاشمي جي ڊرامي ”من مست ملنگ“ جا ڪجهه رومانوي منظر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا هئا ۽ کيس تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو هو.

هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر هو پنهنجي تازن ڊرامن ۾ رومانوي منظرن جي ڪري تنقيد جي زد ۾ آهي. ان حوالي سان اداڪارا هميشه چيو آهي ته هوءَ ڪردار جي ضرورت مطابق ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي.

جڏهن ته سوشل ميڊيا صارفين جي اڪثريت ڊرامن ۾ سندس رومانوي منظرن کان خوش ناهي ۽ ڪيترائي صارف سندس مقابلي ڀارتي اداڪار عمران هاشمي سان ڪري رهيا آهن.

ڪجهه صارفين جو چوڻ آهي ته سحر هاشمي به عمران هاشمي وانگر اسڪرين تي رومانوي منظر فلمائڻ کان نه ٿي شرمائي.

اهو ئي سبب آهي جو کيس سوشل ميڊيا تي ”پاڪستان جو عمران هاشمي“ سڏيو پيو وڃي.

واضح رهي ته بالي ووڊ جو مشهور اداڪار عمران هاشمي به ماضي ۾ پنهنجي بهترين اداڪاري ۽ بولڊ ۽ رومانوي منظرن جي ڪري مشهور هو.

بهرحال هاڻوڪي سالن ۾ هن مختلف سنجيده ڪردارن ذريعي پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment