فيفا ورلڊ ڪپ: ٻار کي سيلفي وٺڻ کان منع ڪرڻ تي مصر جي ٽيم مئنيجر ۽ آمريڪي اهلڪار ۾ جهيڙو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ آسٽريليا خلاف ميچ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ آمريڪي شهر ڊيلاس ۾ مصري قومي ٽيم جي هوٽل ٻاهران اڻ وڻندڙ ​​واقعو پيش آيو.

ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي سڪيورٽي اهلڪار ۽ ٽيم جي اهلڪارن ۾ هڪ ٻار کي مصري رانديگرن سان فوٽو ڪڍڻ کان روڪڻ تي سخت ڇڪتاڻ ٿي.

رپورٽن مطابق سڪيورٽي اهلڪار مصر جي ٽيم مئنيجر ابراهيم حسن کي پوئتي هٽڻ لاءِ چيو، جنهن تي ٻنهي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.

صورتحال ان وقت وڌيڪ ڇڪتاڻ واري ٿي وئي جڏهن ڪوچنگ اسٽاف جي ميمبر به مداخلت ڪئي.

واقعي دوران ساٿي آفيشلز ۽ رانديگر ٽريزيگويا پاران ابراهيم حسن کي پرسڪون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جڏهن ته سڪيورٽي اهلڪارن هٿڪڙيون هٽائي ڇڏيون پر معاملو اڳتي وڌڻ کان اڳ ئي ڪنٽرول ۾ اچي ويو.

https://x.com/SuppressedNws1/status/2072892985402855653?s=20

واضح رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو گڏيل طور تي کيڏي رهيا آهن.

آمريڪا ۾ دورو ڪندڙ ٽيمن سان سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ اميگريشن اهلڪارن پاران نامناسب رويي جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment