حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 97 پئسا گهٽتائي ڪري ڇڏي. توانائي واري وفاقي وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت پاڪستان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 4 جولاءِ 2026ع کان ايندڙ هڪ هفتي لاءِ تبديلي ڪئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 97 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 297 رپيا 53 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي جڏهن ته اڳوڻو اگهه 29 رپيا 53 پيسا في ليٽر هو. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ به هڪ رپيو 97 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 311 رپيا 47 پئسا في ليٽر مان گهٽجي 309 رپيا 50 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. ياد رهي ته حڪومت گذريل هفتي پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي هئي ۽ في ليٽر قيمت 299 رپيا 50 پيسا ۽ 311 رپيا 47 پئسا في ليٽر برقرار رکي هئي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment