اسرائيلي انٽيليجنس وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي ايران جي ايٽمي پروگرام کي تباهه ڪرڻ جي دعويٰ جي تصديق ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ کانپوءِ هاڻي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو دعويٰ ڪري رهيو آهي ته ايران جو ايٽمي پروگرام مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي، پر اسرائيلي انٽيليجنس انهن دعوائن جي تصديق لاءِ نيتن ياهو جي دٻاءُ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
اهو تڪرار جون 2025 ۾ اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ 12 ڏينهن واري جنگ جي خاتمي کانپوءِ سامهون آيو آهي. نيتن ياهو جي آفيس سيڪيورٽي ۽ فوجي عملدارن تي دٻاءُ وڌو ته هو ايران جي ايٽمي سهولتن جي مڪمل تباهي جي تصديق ڪن.
هڪ اسرائيلي اخبار هڪ اسرائيلي اهلڪار جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته هن دعويٰ ۾ هڪ ننڍڙو مسئلو آهي ۽ اهو آهي ته اهو سچ ناهي. ڇاڪاڻ ته نقصان جو صحيح اندازو موجود ناهي.


