لاهور: رخ خانپور جي ڍنڍن تي وڌيڪ 23 ناياب فليمنگو اچي آباد ٿي ويا، انگ وڌي 43 ٿي ويو آهي.

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


رخ خانپور جي ڍنڍن ۾ 23 وڌيڪ ناياب فليمنگو اچي آباد ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ هتي فليمنگو جو ڪل انگ 43 ٿي ويو آهي.

چيف وائلڊ لائيف رينجر ڪيپٽن (ر) محمد وسيم چيو آهي ته پنجاب جا آبي ذخيرا ناياب آبي پکين جي لاءِ پرڪشش رهائش گاهه بڻجي رهيا آهن جن جي موثر تحفظ ۽ بهتر انتظامن جي ڪري پنجاب جا آبي ذخيرا ناياب پکين لاءِ پرڪشش هنڌ بڻجي رهيا آهن.

هن چيو ته وائلڊ لائيف رينجرز جي مسلسل ڪوششن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ اها ڪاميابي جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ ڪيل ڪوششن جو نتيجو آهي.

چيف وائلڊ لائيف رينجر چيو ته پنجاب ۾ قدرتي وسيلن ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته جهنگلي جيوت جي رهائش ۽ انهن ۾ رهندڙ جانورن ۽ پکين جو تحفظ اسان جي اولين ذميواري آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment