فرانس جي مشهور لاليڪ ميوزيم مان لکين يورو جا زيور چوري، جاچ شروع

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسٽراسبرگ: فرانسيسي شيشي ۽ زيورن جي مشهور برانڊ لاليڪ جي ميوزيم ۾ وڏي چوري جي نتيجي ۾ لکين يورو جا قيمتي زيور چوري ٿي ويا، جنهن بعد پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب واقعو آچر جي صبح اتر اوڀر واري شهر ونگين سور ماڊر جي لاليڪ ميوزيم ۾ پيش آيو.

جاچ ذريعن موجب چور صبح ساڍي پنجين وڳي ميوزيم ۾ داخل ٿيا ۽ سڌو زيور واري سيڪشن ڏانهن ويا. شروعاتي اطلاعن موجب 20 جي لڳ ڀڳ قيمتي زيور چوري ٿي ويا آهن.

اختيارين جو چوڻ آهي ته چوري ٿيل زيورن جي ڪل ماليت جو اندازو لڳايو پيو وڃي پر ابتدائي اندازن موجب نقصان 4 لک يورو تائين پهچي سگهي ٿو.

ميوزيم انتظاميا پنهنجي ويب سائيٽ تي اعلان ڪيو آهي ته ميوزيم کي چوري جي واقعي کانپوءِ جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

جاچ ذريعن موجب واقعي دوران ميوزم جو الارم وڄي ويو پر جڏهن سڪيورٽي ڪمپني موقعي تي پهتي ته اتي اڳ ئي هڪ صفائي ڪندڙ عورت پهچي چڪي هئي جنهن فوري طور تي پوليس کي اطلاع ڏنو.

پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته ميوزم ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي وڊيوز جي به ڇنڊڇاڻ ڪئي پئي وڃي ته جيئن جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري ڪئي وڃي.

لاليڪ ميوزيم مشهور فرانسيسي آرٽ نوويو ۽ آرٽ ڊيڪو زيور ڊيزائنر ۽ گلاس ماسٽر ريني لاليڪ جي ڪم لاء مشهور آهي. ميوزيم 2011 ۾ ڪمپني جي ڪارخاني جي ويجهو قائم ڪيو ويو.

ياد رهي ته گذريل سال پيرس جي مشهور لوور ميوزيم مان زيورن جي وڏي ڏينهن جي ڦرلٽ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ فرانس ۾ ميوزيم ۽ آرٽ گيلري جي سيڪيورٽي تي سوال اٿاريا ويا هئا. هاڻوڪي واقعي هڪ ڀيرو ٻيهر انهن خدشن کي جنم ڏنو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment