ذاتي زمينن ۽ ملڪيتن تي زور زبردستي قبضو نه ڪيو ويندو: ٽيلي ڪام بل تي آءِ ٽي واري وزير جو وضاحت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وفاقي وزير شازا فاطمه خواجا چيو آهي ته نئين ٽيلي ڪام بل تحت ڪنهن به شهري جي ذاتي زمين يا ملڪيت تي زبردستي قبضو نه ڪيو ويندو. قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شزا فاطمه چيو ته ٽيلي ڪام بل تي عوام ۽ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، پراڻو قانون جديد ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل ضرورتن سان مطابقت ناهي. هن چيو ته وزيراعظم جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن تحت انٽرنيٽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته ٽيلي ڪام بل قومي اسيمبلي ۾ اٽڪل 6 مهينن کان غور هيٺ هو، جڏهن ته سينيٽ ۾ به ان کي وڌيڪ مشاورت لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪيو ويو، جيڪو جمهوري عمل جو حصو آهي. سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي 6 ترميمن سان بل منظور ڪري ورتو. شزا فاطمه واضح ڪيو ته بل جو مقصد هائوسنگ سوسائٽين جا مسئلا حل ڪرڻ آهي جيڪي ٽيلي ڪام ڪمپنين سان معاهدا ڪرڻ باوجود بعد ۾ رڪاوٽون پيدا ڪن ٿيون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو شهري پنهنجي پرائيويٽ ملڪيت تي ٽيلي ڪام انفراسٽرڪچر لڳائڻ جي اجازت نٿو چاهي ته اهو ان جو قانوني حق آهي. وفاقي وزير چيو ته ٽيلي ڪام بل بابت مون تي ۽ جي آءِ ٽي سيڪريٽري تي بي بنياد الزام لڳايا ويا، جنهن تي هن وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته انهن الزامن جي جاچ ڪئي وڃي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل اختيارين پاڻ تي لڳايل مالياتي الزامن تي قانوني ڪارروائي جو حق محفوظ رکن ٿا، جڏهن ته خانگي ملڪيتن بابت قاعدن ۽ ضابطن کي به واضح ڪيو ويندو ته جيئن ڪنهن به شهري جا حق متاثر نه ٿين.



Source link

Share This Article
Leave a Comment