لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ اهم فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته حڪومت پنهنجي ڪيل واعدن کان پاسو نه ٿي ڪري سگهي ۽ منظوريون جاري ڪيون.
رنگ روڊ راولپنڊي سروس ايريا جي اين او سي ڪيس ۾ عدالت رنگ روڊ تي 102 ڪنال 14 مرلي سروس ايريا جو اين او سي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ياد رهي ته اين او سي تڪرار تي پنجاب حڪومت ڊي جي آباد جي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر سميت 5 آفيسرن کي عهدن تان هٽايو هو. عدالتي حڪم بعد اڄ لاڳاپيل اختيارين کي اين او سي منسوخ ڪرڻ، اڏاوتون ڊاهڻ يا ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ کان روڪيو ويو.
عدالت راولپنڊي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي رويي کي غير ذميواراڻو قرار ڏنو. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته سرڪاري ادارا عدالت جي مدد ڪن ۽ غير ضروري دير نه ڪن. حڪومت پنهنجي طرفان جاري ڪيل واعدن ۽ منظورين کان انحراف نه ڪري سگهي. اين او سي جاري ڪرڻ کانپوءِ منسوخي جون ڌمڪيون آئين جي آرٽيڪل 10 جي خلاف آهن.
درخواستگذار موجب منصوبي ۾ 75 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. سڀ قانوني اين او سيز ۽ 1784 لک روپين کان وڌيڪ سرڪاري واجبات ادا ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته رنگ روڊ سروس ايريا اين او سي تڪرار سبب فرسٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر سميت 5 آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي. ايس اينڊ جي ڊي اي رپورٽ ۾ پنجاب حڪومت آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جي هدايت ڪئي آهي.


