ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف آمريڪا کي سخت وارننگ ڏيندي چيو آهي ته ڪنهن به قسم جي بدمعاشي، ڌمڪيون ۽ وعدي خلاف ورزي جو جواب نه ڏنو ويندو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ محمد باقر قالباف چيو ته مان واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن توهان حملو ڪيو ته توهان تي به حملو ڪيو ويندو. هن آبنائے هرمز جي معاملي تي آمريڪي دٻاءُ کي به رد ڪندي چيو ته هي اهم سامونڊي لنگهه آمريڪي ڌمڪين سان نه پر ايراني انتظامن تحت کوليو ويندو. قاليباف آمريڪا کي وڌيڪ خبردار ڪندي چيو ته هو بنا ڪنهن مقصد جي پنهنجا هٿ پير مارڻ کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ توهان اڳتي هلي دلدل ۾ ٻڏي ويندا. ايراني اسپيڪر جو اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن خطي ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ مسلسل وڌي رهي آهي ۽ آبنائے هرمز جي سيڪيورٽي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. واضح رهي ته آمريڪا طرفان بندر عباس سميت ايران جي مختلف شهرن تي حملا ڪيا ويا هئا، جنهن ۾ هڪ فائر فائٽر پڻ مارجي ويو هو جڏهن ته ريلوي پل کي به نشانو بڻايو ويو هو.
Source link

ايران جو آمريڪا لاءِ واضح پيغام، جيڪڏهن حملو ٿيو ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو: قاليباف
Leave a Comment Leave a Comment

