ايندڙ 6 مهينا پاڪستان ۽ دنيا مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ انتهائي اهم آهن

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر موجب ايندڙ 6 مهينا پاڪستان ۽ دنيا مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ انتهائي اهم آهن.

پوليو اوور سائٽ بورڊ آف دي گلوبل پوليو ايريڊيڪيشن انيشيٽو جي هڪ اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (نيشنل اي او سي) ۾ پوليو پروگرام جي اعليٰ عملدارن سان ملاقات ڪئي.

ان اهم ملاقات دوران وفد کي ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ جاري قدمن، حڪمت عملي ۽ تازي پيش رفت بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

نيشنل اي او سي موجب وفد پاڪستان جي اينٽي پوليو پروگرام تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ مسلسل تعاون جي عزم کي ورجايو. وفد پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۾ پاڪستان حڪومت جي موثر قيادت ۽ مضبوط عزم کي به ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايندڙ 6 مهينا پاڪستان سميت سڄي دنيا مان پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ انتهائي اهم آهن.

وفد پوليو جي خاتمي واري مهم سان گڏ روٽين اميونائيزيشن سسٽم کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ته جيئن ٻارن کي روڪٿام واري بيمارين کان بچائڻ لاءِ پبلڪ هيلٿ سسٽم کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي.

دوري دوران پوليو اوور سائٽ بورڊ جي ميمبرن عورتن جي فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز سان پڻ ملاقات ڪئي، انهن جا متاثر ڪندڙ تجربا ٻڌا ۽ سڄي ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ ڪيل سندن قيمتي خدمتن کي ساراهيو.

وفد پوليو خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز جي غير معمولي ڪوششن کي اهم قرار ڏنو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment