آسٽريلوي بگ بيش ليگ (بي بي ايل) جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽورنامينٽ جو ڪو ميچ آسٽريليا کان ٻاهر کيڏيو ويندو.
تفصيل موجب 27-2026 سيزن جي افتتاحي ميچ دفاعي چيمپيئن پرٿ اسڪرچرز ۽ ميلبورن رينيگيڊز وچ ۾ 12 ڊسمبر تي چنائي جي ايم اي چدمبرم اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا باضابطه طور تي تاريخي ميچ جو اعلان ميلبورن ۾ هڪ تقريب ۾ ڪيو جنهن ۾ آسٽريليا جي وزيراعظم اينٿوني البانيز ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پڻ شرڪت ڪئي.
ٻنهي ملڪن جي حڪومتن هن منصوبي تي عملدرآمد ۾ تعاون ڪيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا کي اميد آهي ته اهو قدم مستقبل ۾ انڊين پريميئر ليگ (آئي پي ايل) جي ممڪن اوورسيز ميچن لاءِ به رستو هموار ڪري سگهي ٿو.
ٻئي ٽيمون شيفيلڊ شيلڊ جي ڇهين رائونڊ کانپوءِ ڀارت رواني ٿينديون ۽ چنائي ۾ ڪجهه ڏينهن جي تيارين کانپوءِ ميدان ۾ لهنديون.
ڪرڪيٽ آسٽريليا کي اميد آهي ته 35,000 ظرفيت وارو اسٽيڊيم تماشائن سان ڀريل هوندو، جيئن بگ بيش ليگ هندستان ۾ پڻ تمام گهڻو مشهور آهي.
مڪمل ايونٽ شيڊول ۽ ٽڪيٽ جا تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.


