پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم مبينا طور تي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت سنڀالڻ کان اڳ شرط رکي هئي ته کيس مستقبل ۾ ٽنهي فارميٽس جي ڪپتاني سونپي ويندي.
عالمي ميڊيا رپورٽن موجب سليڪٽرز کيس يقين ڏياريو ته جيڪڏهن ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ خلاف ايندڙ 5 ٽيسٽ ميچن ۾ ٽيم جي ڪارڪردگي سٺي رهي ته کيس مڪمل فارميٽ جو ڪپتان بڻائي سگهجي ٿو.
رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٻنهي سليڪٽرن بابر اعظم کي ٽيسٽ ڪپتان مقرر ڪرڻ کان اڳ ملاقات ڪئي ڇاڪاڻ ته شان مسعود جي قيادت ۾ مايوس ڪندڙ نتيجن کانپوءِ هن وٽ محدود آپشن هئا.
ذريعن موجب بابر هميشه ٽنهي فارميٽ ۾ پاڪستان جي قيادت ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو رڳو ٽيسٽ ڪپتاني قبول ڪرڻ لاءِ راضي ناهي.
بابر اعظم 2023ع ۾ ٿيندڙ ون ڊي ورلڊ ڪپ کانپوءِ آل فارميٽ جي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم جي قيادت ڏني وئي جڏهن ته شاهين شاهه آفريدي کي محدود اوورن جي ڪپتاني ڏني وئي.
بابر اعظم جو چوڻ آهي ته کيس ٻيهر ذميواري جو يقين آهي، ماضي جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ هاڻي سندس ترجيح پاڪستان کي وڌ کان وڌ ڪاميابيون ڏيارڻ آهي.
جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ان حوالي سان ڪا به باضابطه تصديق سامهون نه آئي آهي.


