سپريم ڪورٽ پرويز الاهي جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي اپيل اڪلائي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

سپريم ڪورٽ پرويز الاهي جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي اپيل اڪلائي ڇڏي.

پنجاب ۾ غير قانوني ڀرتين بابت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جو مرڪزي صدر ۽ پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.

سپريم ڪورٽ پرويز الاهي ۽ محمد خان ڀٽي جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ پنجاب حڪومت جي اپيل اڪلائي ڇڏي. سپريم ڪورٽ چيو ته جوابدار پيش نه ٿيا ته ٽرائل ڪورٽ ضمانت رد ڪري سگهي ٿي.

حڪومتي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن 18 ڀيرا ٻڌڻي ملتوي ڪئي، چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته جوابدار ٽرائل ۾ ڇو پيش نه ٿي رهيا آهن.

وڪيل علي ظفر چيو ته پراسيڪيوٽر جون ڳالهيون حقيقتن جي ابتڙ آهن، پرويز الاهي هڪ سال کان جيل ۾ آهي، الزام فريم نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ثبوت پيش ڪيا ويا آهن.

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ثبوت پيش ڪرڻ پراسيڪيوشن جو ڪم آهي، جوابدارن جي عدالت ۾ حاضري لازمي آهي، قانون جو فائدو کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

چيف جسٽس يحيٰ آفريدي حڪم ڏنو ته ٽرائل ڪورٽ ٻن هفتن ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري.





Source link

Share This Article
Leave a Comment