بلوچستان کان ٽرين سروس اڄ ٻئي ڏينهن به معطل رهندي، جنهن سبب ملڪ جي ٻين شهرن لاءِ ڪا به ٽرين نه نڪرندي. پاڪستان ريلوي موجب ٽريڪ تي مرمتي ڪم سبب ٽرين سروس معطل ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته بلوچستان کان ايندڙ ٽرين سروس ڪالهه به معطل هئي ۽ مرمتي ڪم سبب اڄ ڪا به ٽرين نه هلي سگهي. ريلوي کاتي اڄ پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس جي روانگي منسوخ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته پشاور کان ڪوئيٽا ويندڙ جعفر ايڪسپريس جيڪب آباد تائين محدود هوندي. ريلوي اختيارين موجب ٽرين جي معطلي سبب مسافرن کي ٽڪيٽ جي پوري رقم واپس ڪئي ويندي.
Source link

بلوچستان کان ايندڙ ٽرين اڄ ٻئي ڏينهن به معطل آهي
Leave a Comment Leave a Comment

