موٽر وي پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي پنجاب کان سنڌ سمگل ٿيندڙ ڪڻڪ جي وڏي ڍير هٿ ڪري ورتي.
ترجمان موٽر وي پوليس سينٽرل ريجن موجب ايم 5 تي اوچ شريف ويجهو شڪي ٽريلر کي روڪيو ويو. تلاشي دوران ٽرالر مان 42.3 ٽن ڪڻڪ هٿ ڪئي وئي.
برآمد ٿيل ڪڻڪ جي قيمت 42 لک رپيا لڳ ڀڳ ٻڌائي وئي آهي. هي ٽرڪ بنا ڪنهن پرمٽ جي پنجاب کان گهوٽڪي ڏانهن ڪڻڪ کڻي وڃي رهي هئي.
ترجمان جو چوڻ هو ته موٽر وي پوليس ڪارروائي ڪري ٽرالر، ڪڻڪ ۽ ڊرائيور کي فوڊ کاتي حوالي ڪري ڇڏيو.
فوڊ کاتي واقعي جو نوٽيس وٺندي قانوني ڪارروائي لاءِ ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي.


