ايران، ٽرمپ کي نشانو بڻائڻ لاءِ اسان جا هڪ هزار ميزائل ’لاڪ ۽ لوڊ ٿيل‘ آهن

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران کيس مارڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا وٽ ايران کي نشانو بڻائڻ لاءِ 1000 ميزائل تيار آهن، ان کانپوءِ هزارين وڌيڪ ميزائل استعمال ڪري سگهجن ٿا.

ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ اهو بيان پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيو. هن چيو ته هن آمريڪي فوج کي هدايتون ڏنيون آهن ته جيڪڏهن ايران طرفان مٿن ڪو قاتلاڻو حملو ٿيو ته ان جو فوري ۽ سخت فوجي جواب ڏنو وڃي.

اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي وئي آهي. تازن ڏينهن ۾ ايران ۾ ڪجهه گڏجاڻين ۾ ٽرمپ خلاف سخت نعرا هنيا ويا، جنهن کانپوءِ آمريڪي انتظاميا سڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪيو.

ايراني عملدارن ماضي ۾ ٽرمپ جي بيانن کي اشتعال انگيز قرار ڏنو آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ڇڪتاڻ برقرار آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment