لاهور:
جماعت اسلامي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سخت مذمت ڪئي آهي.
جماعت اسلامي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ تازي واڌ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي عوام دشمن قرار ڏنو آهي. جماعت اسلامي جي ترجمان چيو آهي ته اگهه گهٽائڻ بدران وڌاءُ بي شرمي ۽ ضد جي انتها آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ليوي جي نالي تي ٽيڪس گهٽايو پيو وڃي، حڪمران پنهنجون آسائشون ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن. وچولي طبقي ۽ غريبن کي قرباني جو ٻڪرو بنائڻ افسوسناڪ آهي.
هن وڌيڪ چيو ته اڄ شروع ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري مرڪزي شوريٰ اجلاس ۾ مشاورت کانپوءِ وڏي پيماني تي عوامي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويندو.
جماعت اسلامي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪندي ان کي عوام تي بار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.


