ڪراچي:
ايف آءِ اي پاران گرفتار ڪيل نادرا آفيسرن اهم انڪشاف ڪيا آهن.
ذريعن موجب گرفتار نادرا آفيسرن 100 کان وڌيڪ پرڏيهين جا پاڪستاني شناختي ڪارڊ ٺاهي ورتا آهن، جڏهن ته پرڏيهين لاءِ گهربل دستاويز به گرفتار پرائيويٽ ايجنٽ فراهم ڪيا هئا.
دستاويزن ۾ پيدائش، موت جو سرٽيفڪيٽ، نڪاح جو سرٽيفڪيٽ، اميدوار جي والدين جو شناختي ڪارڊ شامل آهن. نادرا جي اڳوڻي آفيسر رائو زاهد طرفان دستاويز پروسيسنگ لاءِ موڪليا ويندا هئا.
اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جهانزيب ميمڻ تجزيي لاءِ هڪ کان اڍائي لک رپيا وصول ڪندو هو. رقم جهانزيب کي احرار فياض احمد ميراڻي شاهه ۽ رائو زاهد ذريعي موڪلي هئي.
فياض احمد دائود، پروين، ماجده بي بي ۽ نصيرالله جي سڃاڻپ ڪارڊن جي جاچ جو انڪشاف ڪيو آهي. تلاشي دوران جوابدار وٽان موبائل فون ۽ لاڳاپيل مواد هٿ ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کان علاوه ٻين ملوث جوابدارن جي ڪردار جي تعين دوران جاچ ڪئي ويندي.
ٻئي طرف جڊيشل مئجسٽريٽ شرقي جي روبرو افغان شهرين جا جعلي دستاويز ٺاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي 4 جوابدارن انعام الحق، فياض احمد سانگي، جنيد ۽ محمد عمر کي عدالت ۾ پيش ڪيو.
عدالت جوابدارن جو 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
ايف آءِ اي موجب، جوابدار افغان شهرين جا جعلي شناختي دستاويز ٺاهي رڪارڊ مٽائيندا هئا. جوابدارن جي دهشتگرد عنصرن سان لاڳاپن جا ثبوت پڻ مليا آهن.


