شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون: خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پشاور:

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي بنون ضلعي ۾ فتح خيل پوليس اسٽيشن تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

وڏي وزير زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ وڏي وزير محمد سهيل آفريدي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ رڳو خيبرپختونخواهه جي نه پر سڄي ملڪ جي آهي، ان لعنت جي خاتمي لاءِ قومي سطح تي سنجيده ۽ موثر قدم ناگزير آهن.

هن چيو ته بند دروازن پٺيان ڪيل فيصلن ۽ مسلط ڪيل پاليسين ملڪ کي بدامني جي دلدل ۾ ڌڪي ڇڏيو پر موجوده حڪومت دهشتگرديءَ کان متاثر هر خاندان سان گڏ بيٺل آهي.

وڏي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه پوليس دهشتگردي خلاف فرنٽ لائن تي رهي ڪري بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، جن کي هميشه ياد رکيو ويندو.

هن ان عزم کي ورجايو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment