پنجاب ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن لاءِ هيٽ ويو الرٽ جاري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


لاهور:

خشڪ موسم سبب پنجاب ۾ گرمي جي شدت ۾ مسلسل اضافو رڪارڊ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم وڌيڪ گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

سخت گرمي سبب گهرن ۽ آفيسن ۾ اي سي ۽ ايئر ڪولر جو استعمال وڌي ويو آهي، جڏهن ته شهرين گرمي جي لهر کي نظر ۾ رکندي احتياطي اپاءَ وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

موسميات کاتي موجب لاهور ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ جڏهن ته وڌ ۾ وڌ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.

ٻئي طرف پي ڊي ايم اي پنجاب پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ 11 مئي تائين هيٽ ويو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

آفيسرن شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته سج جي غير ضروري نمائش کان پاسو ڪن، وڌيڪ پاڻي پين ۽ احتياطي اپاءَ وٺن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment