اسلام آباد:
ملڪ ۾ اڄ کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ حڪومت رليف ڏيڻ بدران ليوي جو بار عوام تي مڙهي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب پيٽرول تي ليوي 13 رپيا 91 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول تي ليوي جي شرح 117 رپيا 41 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
اهڙي طرح ڊيزل تي به پيٽروليم ليوي ۾ 13 رپيا 91 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن سان ڊيزل تي ليوي جي شرح 42 رپيا 60 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته پيٽروليم ڊويزن طرفان شين جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن گذريل رات 12 وڳي کان لاڳو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا 414 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 399 رپيا 58 پئسا هئي.
اهڙي طرح پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 14 رپيا 92 پئسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 414 رپيا 78 پئسا ٿي وئي آهي، جيڪا اڳ ۾ 399 رپيا 86 پئسا هئي.
ياد رهي ته ان کان اڳ 29 اپريل تي حڪومت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 19 رپيا 39 پئسا في ليٽر واڌ ڪندي نئين قيمت 399 رپيا 58 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي هئي.


