ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ اينڪر مريد عباس ۽ خضر حيات جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد عدالت 7 سالن کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
ڪيس جو فيصلو 9 جولاءِ تي ٻڌائڻ جو امڪان آهي، ڪيس جو مرڪزي جوابدار عاطف زمان عدالتي حراست ۾ جيل ۾ آهي، جڏهن ته شريڪ جوابدار عادل زمان سپريم ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ فرار ٿي ويو آهي ۽ ٽرائل ڪورٽ کيس اڳ ئي اشتهاري قرار ڏئي چڪي آهي.
ياد رهي ته اينڪر مريد عباس ۽ خضر حيات کي 9 جولاءِ 2019 تي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو هو.


