وومينز ون ڊي سيريز: پاڪستان سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان هارائي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ سريلنڪا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. همبنٽوٽا ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪا وومين ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 210 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان ناصرا سنڌو سٺي بالنگ جو مظاهرو ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته تسميه رباب 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ پاڪستان وومين ٽيم 211 رنسن جو هدف 43 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. گل فيروز 78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ۽ فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته سدرا امين 57 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ ڇنڇر تي کيڏي ويندي جنهن ۾ پاڪستان وٽ سيريز کٽڻ جو موقعو هوندو جڏهن ته سريلنڪا کي ميچ برابر ڪرڻ جو موقعو هوندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment