واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين ايئر فورس ون جهاز بابت سڪيورٽي خدشن جون خبرون شايع ٿيڻ کانپوءِ ٽرمپ انتظاميه انهن رپورٽن بابت جاچ جو دائرو وڌائيندي نيويارڪ ٽائمز جي ڪيترن ئي صحافين خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.
آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب نيويارڪ ٽائمز جي چئن صحافين کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ کين گرانڊ جيوري آڏو گواهي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
رپورٽن مطابق وائيٽ هائوس معاملي جي جاچ جي ذميواري ايف بي آءِ ڊائريڪٽر ڪيش پٽيل کي ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاش پٽيل ان معاملي تي وائيٽ هائوس ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ترسيا ۽ مختلف آفيسرن سان ملاقاتون به ڪيون.
اها ڪارروائي هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو ئي نيٽو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪي جو دورو ڪيو هو ته هو نئين ايئر فورس ون جهاز ۾ سوار ٿي واپسي تي اوچتو ئي پراڻي ايئر فورس ون ۾ سفر ڪري ويو.
آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب صدر ٽرمپ سيڪريٽ سروس جي سفارش تي جهاز کي آخري وقت ۾ تبديل ڪيو ڇاڪاڻ ته نئون جهاز مڪمل طور تي ڪجهه اهم سيڪيورٽي ۽ اينٽي ٽيررازم ٽيڪنالاجي سان ليس نه هو.
انصاف واري کاتي ان معاملي تي موقف اختيار ڪيو آهي ته جاچ جو مقصد صحافين کي نشانو بڻائڻ نه پر انهن ماڻهن جو تعين ڪرڻ آهي جن حساس ۽ ڳجهي معلومات ميڊيا کي ڏنيون آهن.
سياسي مبصرن موجب اهو ڪيس آمريڪا ۾ قومي سلامتي، سرڪاري معلومات جي افشا ۽ پريس جي آزادي جي وچ ۾ توازن بابت نئين بحث کي جنم ڏئي سگهي ٿو.


