ڊجيٽل سڌارا ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي ترقي پاڪستان جي سرمائي مارڪيٽ کي موثر ۽ سيڙپڪار دوست بڻائي رهيا آهن.
مالي سال 26-2025ع ۾ پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 48 سيڪڙو رڪارڊ واڌ ٿي، 190,277 نوان سيڙپڪار شامل ٿيا، ايس اي سي پي ۽ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج اڪائونٽس کولڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ ڪيترائي سڌارا متعارف ڪرايا.
سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان بئنڪ اڪائونٽس ذريعي ڊجيٽل ويريفڪيشن سسٽم متعارف ڪرايو آهي، نئين نظام سان اڪائونٽ کولڻ جو عمل تيز ٿيندو، ڪاغذن جي ڪم ۾ گهٽتائي ۽ ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويو آهي.
18 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ والدين طرفان سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ مائنر ٽريڊنگ اڪائونٽس متعارف ڪرايا ويا آهن، سيڙپڪاري جي عمل کي آسان، تيز ۽ هر ڪنهن جي پهچ ۾ آڻڻ لاءِ ڊجيٽل آن بورڊنگ موبائل ايپ شروع ڪئي پئي وڃي.
ايس اي سي پي جا ڊجيٽل سڌارا سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ ۽ پاڪستان جي سرمائي مارڪيٽ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.


