آمريڪي حملن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌڻ شروع ٿي ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


عالمي مارڪيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي، جنهن جو سبب ايران تي نئين آمريڪي حملي ۽ آبنائي هرمز بابت خدشن کي قرار ڏنو پيو وڃي.

ميڊيا رپورٽن موجب عالمي سطح تي خام تيل جي قيمتن ۾ 3 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو، جڏهن ته برينٽ خام تيل جي قيمت 2.67 ڊالر اضافي سان 78.68 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته سيڙپڪارن ۾ اهو خدشو وڌي رهيو آهي ته جيڪڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي ته آبنائے هرمز ذريعي تيل جي ترسيل متاثر ٿي سگهي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ عالمي سپلاءِ تي دٻاءُ پئجي سگهي ٿو.

يو ايس انرجي انفارميشن ايڊمنسٽريشن موجب سڄي دنيا ۾ سپلاءِ ٿيندڙ خام تيل جو لڳ ڀڳ پنجون حصو آبنائي هرمز مان گذري ٿو، جنهن ڪري هن اهم شپنگ روٽ جي حيثيت عالمي توانائي مارڪيٽ لاءِ انتهائي اهم سمجهي وڃي ٿي.

اهو اضافو هڪ اهڙي وقت ۾ ٿيو آهي جڏهن آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (CENTCOM) ايران خلاف وڌيڪ فوجي ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي.

آمريڪي عملدارن موجب انهن حملن جو مقصد آبنائي هرمز ۾ ڪمرشل ۽ شهري جهازن کي درپيش خطرن کي گهٽائڻ آهي.

ٻئي طرف ماهر خبردار ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ گهڻي دير تائين جاري رهي ته ان جا اثر رڳو تيل جي قيمتن تائين محدود نه رهندا پر عالمي معيشت، توانائي جي قيمتن ۽ مهانگائي تي به اثرانداز ٿي سگهن ٿا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment