ازبڪستان جو نائب وزيراعظم 20 جولاءِ تي پاڪستان پهچندو، 5 سالن جي اقتصادي تعاون جي معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

ازبڪستان جو نائب وزيراعظم جمشيد خوجايف 20 ۽ 21 جولاءِ تي پاڪستان جو دورو ڪندو، سندس دوري دوران پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ 5 سالن جي اقتصادي تعاون جي روڊ ميپ تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي.

ايڪسپريس نيوز موجب پاڪستان ازبڪستان جي نائب وزيراعظم جي دوري جي حوالي سان تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، ان حوالي سان اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيما جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي جائزو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ وفاقي وزير احد چيما ازبڪستان جي نائب وزيراعظم جي پاڪستان دوري جي تيارين جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ازبڪستان جو نائب وزيراعظم جمشيد خوجايوف 20 ۽ 21 جولاءِ تي پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ ان دوري دوران پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ 5 سالن جي اقتصادي تعاون جي روڊ ميپ تي صحيحون ٿيڻ جو امڪان آهي.

احد چيما چيو ته ازبڪ نائب وزيراعظم جو دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو، پنجن سالن جو روڊ ميپ گڏيل واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي لاڳاپن کي هٿي ڏيندو.

ان موقعي تي احد چيما سمورن لاڳاپيل وزارتن کي تياريون بروقت ۽ فول پروف انداز ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ بزنس فورم ۾ ازبڪستان جون 100 کان وڌيڪ وڏيون ڪمپنيون شرڪت ڪنديون، اجلاس ۾ زراعت، دوائون، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪ ۽ صنعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.

احد چيما چيو ته ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ روڊ ۽ ريل رابطن کي بهتر بڻائڻ تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. ٽرانسپورٽ ڪوريڊور جي ڪارڪردگي کي وڌائڻ ۽ لاجسٽڪ انفراسٽرڪچر کي مضبوط ڪرڻ جي تجويزن جو جائزو ورتو ويو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment