سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽريٽ کي سيل ڪرڻ واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي ان کي فوري طور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ايڪسپريس نيوز موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف پاران سيڪريٽريٽ سيل ڪرڻ بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) جي آفيس سيل ڪرڻ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيندي پي ٽي آءِ جو مرڪزي سيڪريٽريٽ فوري طور کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت پي ٽي آءِ کي هڪ هفتي اندر عمارت ۾ فائر سيفٽي جا انتظام ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ سي ڊي اي اختيارين سان 10 قسم جا انتظام ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
عدالتي فيصلي موجب پي ٽي آءِ عملدارن سي ڊي اي سان اتفاق ڪيو ته هو هر منزل تي باهه وسائڻ وارا اوزار لڳائيندا، ڇت تي فائر پمپ، الڳ واٽر ٽينڪ، مينوئل الارم سسٽم لڳايو ويندو، جڏهن ته گيس ڊيڪٽر، ايمرجنسي نمبر ڏيکاريا ويندا، باورچی خانه جي سڪيورٽي لاءِ بلڊنگ ۾ بجلي جي باقاعده وائرنگ ڪئي ويندي.


