اسلام آباد: پاڪستان ۾ نيشنل ميڊيڪل ٽورزم انيشيٽو جو باضابطا آغاز ڪيو ويو.
اهڙو اعلان پاڪستان ايسوسيئيشن آف پلاسٽڪ سرجنز (PAPS) جي سالياني بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ ڪيو ويو.
SIFC جي مؤثر سهڪار سان شروع ڪيل هن قدم جو مقصد پاڪستان کي گهٽ قيمت ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو علائقائي مرڪز بڻائڻ آهي. افتتاحي تقريب ۾ سيڪريٽري صحت اسلم غوري، ڊي جي ايس آءِ ايف سي ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري ۽ طبي شخصيتن ۽ عالمي ماهرن شرڪت ڪئي.
آفيسرن موجب ان پروجيڪٽ سان عالمي مريضن کي پاڪستان ۾ معياري ۽ سستو علاج فراهم ٿيندو، جڏهن ته عالمي شرڪت ڪندڙن به ڪانفرنس جي معيار ۽ انتظامن کي ساراهيو.
مصر مان آيل ڊاڪٽر خالد سميع شرڪت کي ڀليڪار چيو ۽ مستقبل ۾ شرڪت جي خواهش جو اظهار ڪيو، جڏهن ته برطانيه مان آيل پروفيسر ڊاڪٽر معظم تارڙ ان کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو.
آفيسرن جو چوڻ آهي ته SIFC صحت جي شعبي ۾ عالمي تعاون، سيڙپڪاري ۽ طبي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.


