ڪراچي مان منڪي پوڪس جو ٻيو ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ هلندڙ سال سنڌ ۾ مڪي پوڪس جي ڪيسن جو انگ 3 ٿي ويو آهي. ايم ايس ڊاڪٽر وحيد راجپوت موجب، بفرزون جي رهواسي 22 سالن جي مريض کي گذريل ڏينهن انفيڪشن بيمارين جي اسپتال، نيپا ۾ داخل ڪيو ويو هو. هي منڪي پوڪس جو ٻيو ڪيس آهي جيڪو متعدي بيمارين جي اسپتال، نيپا ۾ رپورٽ ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر وحيد راجپوت چيو ته متاثر شخص جي ڪا ٽريول هسٽري سامهون ناهي آئي، ايم پيڪس جي تصديق کانپوءِ مريض کي آئسوليشن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڪراچي ۽ خيرپور مان منڪي پوڪس جا 2 ڪيس سامهون آيا آهن، خيرپور جو هڪ رهواسي آغا خان اسپتال ۾ منڪي پوڪس جو علاج ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال پرڏيهه مان آيل 31 سالن جي مريض ۾ مونڪي پوڪس جي تصديق ٿي هئي.
Source link

سنڌ ۾ هن سال مانڪي پوڪس جو ٽيون ڪيس رپورٽ
Leave a Comment Leave a Comment

