ڀارتي رياست مني پور ۾ نسلي فسادن جي نئين لهر جاري آهي، جتي مودي حڪومت صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۾ بری طرح ناڪام ٿي وئي آهي.
وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت جي هڪ طرفي ۽ ناڪام پاليسين، هندو انتهاپسند تنظيم بي جي پي جي ڪڙي، مني پور کي باهه ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اتي نسلي فسادن ۾ شدت اچي وئي آهي.
ڀارت جي پنهنجي رسالي دي اسٽيٽس مين مني پور ۾ ٿيندڙ نون فسادن جا تفصيل سامهون آڻي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارتي رياست مني پور جي امپال ضلعي جي ڏاکڻي حصي ۾ ڪيترن ئي گهرن کي باهه ڏني وئي آهي.
ڀارتي جرنل موجب نسلي فسادن دوران گهرن کي ساڙڻ ۽ وڌندڙ ڇڪتاڻ مني پور جو امن ٻيهر خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي وڏي انگ ۾ سيڪيورٽي فورسز کي مقرر ڪيو ويو آهي.
دي اسٽيٽسمين موجب واقعي ۾ ملوث هينگجنگ ڳوٺ جي سربراهه سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڀارتي انساني حقن جي ڪم ڪندڙ ننديتا هوڪسر مني پور جي صورتحال تي مودي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته مودي حڪومت مني پور ۾ پرتشدد واقعن جي اصل سببن کي لڪائڻ لاءِ پرڏيهي مداخلت جا الزام لڳائي رهي آهي.
تازن فسادن جا واقعا ثابت ڪن ٿا ته مودي حڪومت مني پور ۾ امن امان برقرار رکڻ ۾ بُري طرح ناڪام وئي آهي.



