ڪراچي:
عدالت منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي ساٿين کي پيش نه ڪرڻ تي جيل سپرنٽينڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ايڪسپريس نيوز موجب سٽي ڪورٽ ۾ منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي 2 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت جوابدار منشيات فروش انمول عرف پنڪي جي ساٿين کي پيش نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جيل سپرنٽينڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت رمارڪس ڏنا ته پاڻ پيش ٿيو ۽ ٻڌايو ته جوابدار کي ڇو پيش نه ڪيو ويو. انمول عرف پنڪي کي عدالت ۾ حاضري کان ڇوٽ ڏني وئي. ٻين جوابدارن کي پيش نه ڪرڻ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
بعد ۾ عدالت چالان پيش ڪرڻ لاءِ مهلت جي درخواست منظور ڪري ورتي.
ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته مختلف ادارن کان رپورٽ ناهي ملي. رپورٽ اچڻ بعد چالان پيش ڪيو ويندو.
ياد رهي ته جوابدارن خلاف گارڊن ۾ منشيات ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جا ڪيس داخل آهن.


