ڪسٽم انفورسمينٽ يونٽ بلوچستان جي ضلعي ڪچي جي علائقي ڪولپور ۾ ڪارروائي ڪندي 10 ڪلو گرام ڪرسٽل آئس هٿ ڪري ورتو. ڪسٽم اختيارين موجب ڪڇي ضلعي ۾ ڪارروائي دوران هٿ آيل 10 ڪلو گرام ڪرسٽل آئس جي ماليت 11 ڪروڙ 12 لک رپيا آهي. ٽماٽن سان ڀريل مزدا ٽرڪ جي فيول ٽينڪ سان جڙيل سلنڊر واري ڪمپارٽمينٽ مان 10 پيڪيٽ هٿ ڪيا ويا. ڪسٽم اختيارين جو چوڻ آهي ته منشيات اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، دشمن عناصر کي ملڪ جي معيشت ۽ قومي سلامتي سان کيڏڻ جي ڪڏهن به اجازت نه ڏني ويندي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بلوچستان مان منشيات جي مڪمل خاتمي تائين اسمگلنگ خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي.
Source link

بلوچستان؛ ٽماٽن سان ڀريل مزدا ٽرڪ مان 11 ڪروڙ روپين جي برف هٿ
Leave a Comment Leave a Comment

