راولپنڊي:
پنجاب حڪومت صوبي ۾ بدمعاشي ۽ ڀتا خوري کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت نئون قانون متعارف ڪرايو آهي.
صوبي ۾ بدمعاشي ۽ ڀتا خوري خلاف سخت نئون قانون متعارف ڪرايو ويو آهي. نئين قانون، پراڻي گينگسٽر ايڪٽ 1959 جي جاءِ تي، گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي منظور ڪري ورتي آهي.
پنجاب ڪنٽرول آف هيبيچوئل آفينرز اينڊ اينٽي سوشل بيويور بل 2026 جو نئون قانون تيار ڪيو ويو آهي.
ان قانون تحت پهريون ڀيرو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 3 کان 5 سال قيد جي سزا هوندي. اهڙي طرح عادتي ڏوهارين کي 7 سال قيد ۽ 20 لک رپيا ڏنڊ جي سزا به تجويز ڪئي وئي آهي.
ان کان علاوه بدمعاشن جا شناختي ڪارڊ ۽ بئنڪ اڪائونٽ به بلاڪ ڪري سگهجن ٿا، جيڪو ڏوهارين جي لاءِ وڏي رڪاوٽ ثابت ٿيندو.
ان سان گڏ سوشل ميڊيا تي هٿيارن جي نمائش ۽ هوائي فائرنگ کي به قانون جي دائري ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس کي جوابدارن جي ڊجيٽل نگراني ۽ بائيو ميٽرڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو اختيار هوندو.
پنجاب اسيمبلي مان منظوري کانپوءِ قانون فوري طور تي عمل ۾ اچي ويندو ۽ ڏوهارين خلاف گھيرو تنگ ڪيو ويندو.


