واشنگٽن: تازي عوامي سروي موجب آمريڪا ۾ ماڻهن جو وڏو انگ ايران خلاف جنگ ۾ وڃڻ جي فيصلي تي حڪومت سان اختلاف ڪري ٿو. پولنگ ۾ 57 سيڪڙو آمريڪين چيو ته ايران خلاف جنگ ۾ وڃڻ جو فيصلو غلط هو.
سروي جي نتيجن موجب رڳو 27 سيڪڙو آمريڪين حڪومتي فيصلي جي حمايت ڪئي ۽ ان کي درست قرار ڏنو، جڏهن ته باقي يا ته مخالف هئا يا وري واضح راءِ نه رکندا هئا.
رپورٽ موجب آمريڪي عوام جي وڏي انگ کي خدشو آهي ته هي تڪرار جلد ختم نه ٿي وڃي. سروي ۾ شامل 46 سيڪڙو ماڻهن جو چوڻ هو ته انهن جو خيال آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلندڙ جنگ هڪ سال يا ان کان وڌيڪ جاري رهي سگهي ٿي.
سياسي مبصرن موجب سروي جا نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته جنگ جي طويل ٿيڻ جو خدشو ۽ ان جا ممڪن معاشي ۽ سياسي اثر آمريڪي عوام ۾ پريشاني جو باعث بڻيل آهن.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جنگ ڇڙي وئي ته ان جا اثر رڳو آمريڪي معيشت تي نه پر عالمي توانائي مارڪيٽ، تيل جي قيمتن ۽ وچ اوڀر جي سيڪيورٽي صورتحال تي به پوندا.
تجزيه نگارن موجب اهڙا سروي مستقبل ۾ آمريڪي حڪومت جي پرڏيهي پاليسي، جنگي حڪمت عملي ۽ عوامي حمايت تي به اثرانداز ٿي سگهن ٿا، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي.


